شهرِ آشوب

شهرِ آشوب (Shahre Ashob): اهو نظم، جنهن ۾ زماني جي افراتفري، ملڪ، شهر جي بربادي، ويراني ۽ تباهيءَ جو ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مصبيت جو احوال درج ٿيل هجي ته ان شعر کي شاعراڻي ٻوليءَ ۾ ‘شهر آشوب’ چئبو آهي. شهر آشوب ۾ حڪومت ۽ رعيت جو احوال، ماڻهن جي اقتصادي ۽ سماجي حالتون، اميرن ۽ غريبن جو بيان ۽ ٻيا اهڙي ئي قسم جا موضوع ڏنا ويندا آهن. سنڌيءَ جي اوائلي شاعريءَ ۾ شهر آشوب ملن ٿا. محمد ابراهيم خليل، سيد اظهر گيلاني ۽ ٻين به شهر آشوب لکيا آهن. ‘حيدرآباد شهر’ امداد حسينيءَ جي جديد نظم ‘شهر آشوب’ ۾ حيدرآباد جو نوحو آهي.


لفظ شهرِ آشوبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو